واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي سهولت لاءِ آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ڪرائيندو آهي، جن مان ڪيترائي فيچرز بيٽا ورزن ۾ رليز ٿيڻ کان ئي نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.
ويجهڙ اينڊرائيڊ لاءِ بيٽا ورزن ۾ ”لاگ آئوٽ“ جو آپشن ڏٺو ويو آهي، جيڪو اڪائونٽ سيٽنگز جي اندر شامل ڪيو ويو آهي.
ان فيچر جي ذريعي جڏهن واهپيدار سيٽنگز ۾ ”لاگ آئوٽ“ آپشن تي ڪلڪ ڪندو ته ٻه آپشن سامهون ايندا.
لاگ آئوٽ سان گڏ سموري ڊيٽا ۽ ترجيحون ختم ڪرڻ
هي آپشن بنيادي طور تي واٽس ايپ کي ان انسٽال ڪرڻ جيان هوندو، جنهن سان واهپيدار جي سموري ڊيٽا ڊليٽ ٿي ويندي، پر واهپيدار کي واٽس ايپ گروپ مان نه ڪڍيو ويندو.
ڊيٽا ۽ ترجحيون محفوظ رکندي لاگ آئوٽ ٿيڻ
هي آپشن صارف کي لاگ آئوٽ ته ڪندو، پر سموري ڊيٽا، چيٽس، گروپ چيٽس ۽ سيٽنگز محفوظ رهنديون، جيڪي ٻيهر لاگ اِن ڪرڻ تي بحال ٿي وينديون.
ٽيڪنالاجي رپورٽن موجب، هي نئون فيچر خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن به سبب واٽس ايپ مان ڪجهه وقت لاءِ وقفي وٺڻ چاهين ٿا.