ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل ۾ بابر ۽ ڪوهليءَ جا چرچا

لارڊز (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ اڳوڻي پاڪستان ڪپتان بابر اعظم ۽ ليجنڊري ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي ڪور ڊرائيو بحث جو موضوع بڻجي وئي.
لارڊز جي تاريخي ميدان تي جاري فائنل مقابلي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جون ٽيمون دوبدو آهن ۽ ميچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
ڊبليو ٽي سي فائنل دوران انگلش ڪامينٽيٽر ناصر حسين آسٽريلوي بيٽر مارنس لبيوشن ۽ ڏکڻ آفريڪي اوپنر ريان رڪلٽن جي آئوٽ پٺيان ٽيڪنيڪي خامين جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي پليئرن ساڳي شاٽ کيڏي پنهنجي وڪيٽ وڃائي.
ناصر حسين چيو ته ٺيڪ آهي، ڪور ڊرائيو اکين لاءِ پرسڪون آهي، ڪور ڊرائيو بابت سوچيندي سڀ کان اول ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم جو نالو ذهن تي تري ايندو آهي.
هن ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽمبا باووما جو مثال ڏيندي چيو شاٽ کيڏڻ وقت سندس هينڊ آءِ ڪوارڊينيشن بلڪل صحيح هئي پر لبيوشن ۽ رڪلٽن ۾ ان جي کوٽ نظر آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.