القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي لاءِ رليف جو امڪان

اسلام آباد(منيب فاروق) عمران خان جي رھائي جي حوالي سان ھن وقت تائين نھ اسٽبلشمنٽ پنھنجي پوزيشن تبديل ڪئي  آھي نھ وري عمران خان ئي پوئتي ھٽيو آھي.ھاڻي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ سزا معطلي بابت ڪيس 5 جون تي ٻڌڻي لاءِ  رکيو ويوآھي،ان ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي لاءِ رليف جو امڪان آھي، مٿس سھولتڪاري جو الزام آھي.ٻئي پاسي گذريل ڏينھن عليمھ خان چيوآھي تھ عمران خان سان ٽي ڳالھيون ڪيون ويون آھن ٽي سال خاموش رھي نطام کي ھلڻ ڏئي،ٻيو 26ھين آئيني ترميم کي قبولي ۽ ٽيون 9 مئي تي معافي وٺي.سندس مطابق تھ ٻھ سال اڳ اسان کي اھو چيو ويو ھيو.پر عليمھ خان جون ڳالھيون ڪوڙ آھن. ھن نظام کي عمران جي منظوري جي ضرورت نھ ھئي سو ھلي رھيوآھي، 26ھين ترميم تي پي ٽي آئي بائيڪاٽ ڪيو سا بھ پاس ٿي وئي.9 مئي واقعي تي معافي تي فوج جو اسٽانس تھ اھوئي آھي تھ معافي وٺي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر31 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.