ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينئر اداڪاره ثمينا پيرزادو عورتن جي ڪمائي ۾ برڪت نه هئڻ جي مختلف دعوائون رد ڪري ڇڏيون.
ويجهڙ ۾ ثمينا پيرزادو هڪ خانگي يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
وائرل ڪلپن مان هڪ ۾ ميزبان اداڪارا کان عورتن جي ڪمائي ۾ برڪت نه هئڻ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ثمينا پيرزادو چيو ته مون به گهڻو ٻڌو آهي ته عورتن جي ڪمائي ۾ برڪت ناهي هوندي يا هوائي روزي ٿيندي آهي، اهو سڀ بڪواس آهي.
ثمينا پيرزادو چيو ته مون کي فرق نٿو پوي ته ڪو مرد منهنجي لاءِ دروازو کوليندو آهي يا نه، پر جيڪڏهن ڪو مرد ائين ڪري ٿو ته اهو ڏيکاري ٿو ته سندس ماءُ هن جي تربيت ڪيڏي بهترين نموني ڪئي آهي جو هو عورتن جو احترام ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ويجهڙائي ۾ عثمان منهنجي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي ته مون ڌيئرن کي پڙهائي سندن سٺي تربيت ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجي ڪمائي ۾ برڪت نه هجي ها ته مان ڪيئن ڌيئرن کي پڙهائي سگهان ها؟ مون ڌيئرن جي سٺي تربيت ڪئي ۽ عثمان گهر ٺاهيو، اسان سڀ ڪم ورهائي ونڊي ڪندا آهيون.