ڍاڪا (ويب ڊيس) بنگلاديش جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش جي ايمرجنگ ٽيمن وچ ۾ جاري چئن ڏينهن واري ٽيسٽ ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هٿين پئجي ويا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڏکڻ آفريڪا جي بالر ٽي شيپو نٽولي ۽ بنگلاديشي بيٽر رپن مونڊول وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب افسوسناڪ صورتحال پيدا ٿي.
رپورٽس موجب، بنگلاديشي بيٽر رپن مونڊول، نٽولي کي ڇڪو هنيو. ڇڪو لڳڻ کانپوءِ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي ۽ پوءِ ٻئي رانديگر هٿين پئجي ويا.
ڏکڻ آفريڪي بالر شيپو نٽولي نه رڳو بيٽر کي ڌِڪو ڏنو، پر مٿس مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن کانپوءِ امپائر ۽ ٻين رانديگرن مداخلت ڪري معاملو ٽاريو.
في الحال آن فيلڊ امپائر طرفان واقعي جي ڪا به رسمي رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي، پر امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته رپورٽ داخل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي رانديگرن تي سخت پابنديون لاڳو ڪري سگهجن ٿيون.