ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي: صنعان قريشي

ملير (ڊ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي گلشن حديد جسقم هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، سنڌي پورهيتن کي ٽارگيٽ ڪري کين بليڪ لسٽ ڪيو پيو وڃي، ليبر قانون تي عمل نٿو ڪيو وڃي، غير قانوني طور تي ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تي جيڪو به پورهيت پنهنجن  حقن لاءِ آواز اُٿاري ٿو ته ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ملازمت تان برطرف ڪري سندس گيٽ بند ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته ملير جي نجي ڪمپني انتظاميا جسقم اڳواڻ مختيار سومرو سميت ڪيترن ئي سنڌي پورهيتن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو عمل ليبر قانون جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري نجي ڪمپني انتظاميا مزدور دشمن پاليسي ختم ڪري سنڌي ماڻهن جي روزگار جا دروازا کولي ۽ جيڪڏهن ڪمپني پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ته جسقم ضلعي ملير پاران اڄ 29 مئي تي ڪمپني جي مين گيٽ اڳيان پورهيتن جي حقن جي بحالي لاءِ ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي جسقم ضلعي ملير جي ڪارڪن ڀرپور تياري ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته پورهيتن جي حقن جي بحالي ڪراچي اندر جسقم مسلسل جدوجهد ڪندي رهي آهي، پورهيتن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.