فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سنوڪر چيمپيئن محمد آصف جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي تصديق خانداني ذريعن طرفان ڪئي وئي آهي.
خانداني ذريعن موجب، محمد آصف جي ماءُ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ تدفين فيصل آباد جي شيخ ڪالوني، جھنگ روڊ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي.
واضح رهي ته فيصل آباد سان واسطو رکندڙ 42 ورهين جي محمد آصف پهريون ڀيرو 2012ع ۾ آءِ بي ايس ايف عالمي سنوڪر چيمپيئن شپ جو اعزاز ماڻيو هو، جڏهن ته 2019ع ۾ ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻيو.
You might also like