راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ آذربائيجان جي بچاءَ واري وزير ڪرنل جنرل حسنوف زاکر اسگر اوغلو سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي طريقن تي خيال ونڊيا.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته آرمي چيف ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي ۽ آذربائيجان سان دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
فيلڊ مارشل جي آذربائيجان جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات، دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم
You might also like