ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي ڪمانڊر سعيدالله سعيد پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ تقريب دوران خطاب ڪندي خارجين کي خبردار ڪري ڇڏيو.
سعيدالله سعيد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته امير جي حڪم جي ابتڙ ڪنهن به ملڪ، خاص طور تي پاڪستان ۾ وڙهڻ شرعي طور جائز ناهي، مختلف گروهن ۾ شامل ٿي پرڏيهي ملڪن ۾ جنگ ڪندڙ ماڻهن کي حقيقي مجاهد نٿو سڏي سگهجي.
هن زور ڏئي چيو ته هڪ هنڌان ٻئي هنڌ حملا ڪندڙ ماڻهن کي مجاهد سڏڻ غلط آهي، جهاد جو اعلان ڪرڻ يا ان جي اجازت ڏيڻ رڳو رياستي امير جو اختيار آهي، ڪنهن فرد يا گروهه جو نه.
سعيدالله سعيد چيو ته جيڪڏهن رياستي قيادت پاڪستان نه وڃڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي ته پوءِ ان حڪم جي ڀڃڪڙي ديني نافرماني شمار ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي انا يا گروهي لاڳاپن جي بنياد تي ٿيندڙ جهاد شرعي طور فساد جي زمري ۾ ايندو، جهاد جي نالي تي حملا ڪندڙ گروهه نه رڳو شريعت پر افغان امارت جي به نافرماني ڪري رهيا آهن.
Prev Post
You might also like