باڪو (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آذربائيجان ۾ جاري پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽن ڌرين جي اجلاس کي خطاب ڪندي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان گڏيل تاريخ ۽ ثقافت ۾ ٻڌل آهن، گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌي رهيا آهيون.
هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو ۽ ان حوالي سان سيڙپڪاري جي منصوبن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪيه سان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي هٿي ڏئي رهيا آهيون، ٽنهي ملڪن ۾ دافعي شعبي ۾ سهڪار جا وڏا امڪان آهن ۽ اهو سهڪار علائقائي استحڪام لاءِ اهم آهي.
You might also like