ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) سنڌ جي تعليم کاتي پاران اسڪولن ۾ تقريبن ۽ آفيسرن جي آمد تي اجرڪ ۽ ٽوپي سميت ٻين شين جا تحفا پيش ڪرڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي، اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سرڪاري گڏجاڻين، تقريبن ۾ اجرڪ ٽوپي ۽ ڪنھن به ٻئي قسم جو تحفو پيش ڪرڻ جي روايت کي ختم ڪيو وڃي، ان کان سواءِ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن جي آجيان ڪرڻ جي روايت کي بند ڪيو وڃي، اهو به ڄاڻايو ويو ته ڊي اي او، ٽي اي او، ھيڊ ماسٽرس ھيڊ مسٽريس سرڪاري اسڪولن جا پرنسپال، ۽ اتحادي ادارن جي سربراھ سختي سان ھدايتن تي عمل ڪن.