تهران (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي راڄڌاني تهران ۾ جنرل اسٽاف هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي هن ايراني فوج چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي عسڪري اڳواڻن علائقي جي بدلجندڙ سيڪيورٽ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو.
ملاقات دوران عسڪري سهڪار وڌائڻ، گڏيل سرحد تي سيڪيورٽي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سرحدي علائقن کي واپار ۽ اقتصادي رابطا جو مرڪز بڻائڻ وارن معاملن تي پڻ ويچاريو ويو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمد تي ايراني هٿياربند فوج سندس اعزاز ۾ روايتي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايراني فوجي سربراهه سان ملاقات، دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور
You might also like