شهيد عرفان لغاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري، منهن ۽ پيرن تي تشدد جي تصديق

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)شهيد عرفان لغاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مٿس تشدد جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ايم ايل او سول اسپتال حيدرآباد پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، عرفان لغاري جي منهن ۽ پيرن تي تشدد جي تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، عرفان لغاري کي ڳلي ۾ گولي لڳڻ سبب وات جون ڄاڙيون سڙيل هيون، پيرن تي تشدد جا نشان، نڪ ۽ منهن تي ساڄي پاسي ڌڪ جا نشان آهن.
پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عرفان لغاري آءِ سي يو ۾ داخل هو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.