ڪراچي (ويب ڊيسڪ)تعليم کاتي 2723 اسڪالرشپس جي منظوري ڏئي ڇڏي.
تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي اجلاس جو اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 2723 اسڪالرشپس جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد شاگردن کي ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ تعليم جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
ان موقعي تي تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته اسڪالرشپس جي مدد سان شاگرد سڄي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.
You might also like