سنڌ جي اسڪولن ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ تحفي طور ڏيڻ تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرڪاري تقريبن ۾ تحفن جي روايت ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ان کانسواءِ مهمانن جي آجيان لاءِ شاگردن کي بيهارڻ تي به مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ٻارن کي آجياڻي وارين تقريبن لاءِ استعمال ڪرڻ کي غير مناسب قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.