مانجھند(بابو عمراڻي)سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي ڪائونسل جو اهم اجلاس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي کان ٿي گذريو اجلاس ۾ امجد خان مهيسر، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عثمان ميمڻ، رحمان پيرزادو، صفدر تنيو، غلام مصطفيٰ ڪوري ۽ ٻين موقف پيش ڪيا صنعان خان قريشي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مرڪزي ڪائونسل ۾ تنظيمي صورتحال جي جائزي بعد مرڪزي ڪائونسل جي مٿين اداري جسقم مرڪزي پاليسي ساز اداري جيئمسٽ ڪائونسل جو 25 جون تي اجلاس سڏيو آهي، جيئن وڌيڪ تنظيمي فيصلا پارٽي جي آئين مطابق ڪري سگهجن ،هن موري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيد نوجوان زاهد ۽ عرفان لغاري جي قتل جي ايف آءِ آر وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪري شهيد نوجوانن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.