حيدرآباد ( پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو مورو واقعو ۾ شهيد ٿيندڙ عرفان لغاري جي وارثن جي مرضي ۽ اجازت سان شهيد کي قبر ڪشائي ڪري کيس قومي اعزاز ۽ تعظيم سان سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو جنهن جي لاءِ ايس ٽي پي 28 مئي اربع جو ڏينهن رٿيو آهي وڌيڪ وارثن جي مرضي مطابق عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پ پ سرڪار توهين آميز طريقي سان شهيد عرفان لغاري جي تدفين سرڪاري قبر ۾ وارثن جي بغير مرضي سان ڪئي آهي پ پ پ سرڪار تي اهو بدنما داغ تاقيامت تائين رهندو. شهيد عرفان لغاري جو قتل ۽ ان طرح زبردستي وارثن جي مرضي کانسواءِ تدفين انتهائي ڏکائيندڙ ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ عمل آهي جنهن تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ موجود آهي. پ پ پ سرڪار جي اهڙي عمل سندس منهن تان ڪوڙي جمهوريت جو نقاب لاهي ڇڏيو آهي. هن چيو اسان چاهيون ٿا مورو واقعي جي مڪمل طرح سان عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردارن کي ظاهر ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.