هاڻي ڪميٽيون جوڙڻ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آھي: اياز لطيف

ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز  لطيف پليجي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي، سنڌ حڪومت جي ڳالھين بابت جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، عوامي آواز  پاران رابطو ڪرڻ تي اياز لطيف چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي رھي آھي، سنڌ جي زمينن جا سودا قبول ناھن، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪرڻ بند ڪيو وڃي، اقتدار ۽ ڪرپشن عيوض سنڌو درياھ، زمينون ۽ وسيلن تي ڌاڙا ڪنھن صورت قبول نه ڪيا ويندا، ڳالھين لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. 7 ڪروڙ سنڌ جا ماڻھو ڪارپوريٽ فارمنگ، 6 ڪئنال ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو رد ڪري چڪا آھن، انڪري سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻھن جي احتجاج کي موٽ ڏي، سنڌ دشمن منصوبا رد ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.