ڪراچي: ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارپوريٽ فارمنگ بابت ڳالھين جي اجلاس واري ليٽر متعلق رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ئي ختم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت ڳالھين بابت اڳڀرائي ڪئي آھي، انھي حوالي سان اڄ اسان وڪيل دوست اجلاس ڪوٺائي فيصلو ڪنداسين ته سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪجن يا نه ڪجن؟.