ڪارپوريٽ فارمنگ تي وڪيلن سان ڳالھين جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) سنڌ جي گھرو کاتي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ معاملي تي وڪيلن جي جوڙيل ڪميٽي سان ڳالھين  لاءِ اجلاس عيد الاضحيٰ کانپوءِ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس متعلق گھرو کاتي پاران ھڪ ليٽر جاري ڪيو ويو، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪارپوريٽ فارمينگ منصوبي بابت آل سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان عيد کانپوءِ ڳالھيون ڪيون وينديون، ڳالھين واري اجلاس جو شيڊول وڪيل سان مشاورت بعد پڌرو ڪيو ويندو، ليٽر ۾ ڄاڻايو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي متعلق وڪيلن جي ڪميٽي سان ڳالھين واري اجلاس جي صدارت سنڌ جو گھرو وزير ضياءُ لنجار، اطلاعات کاتي جو وزير شرجيل انعام ميمڻ، آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.