شهيد عرفان لغاري جي تدفين غيرشرعي قرار

مٽياري(رپورٽ: ضمير خاصخيلي) جي يو آئي ف سنڌ جي امير درگاھ هاليجوي شريف جي سجاده نشين مولانا عبدالقيوم  هاليجوي شهيد عرفان لغاري جي تدفين کي غير شرعي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسلام ۾ وارث کي حق حاصل آهي ان جي اجازت کان بغير ميت دفن نٿي ڪري سگهجي جيڪڏهن ميت جي وارثن جي رضا کانسواءِ تدفين ڪئي وئي آهي ته اهو عمل غلط آهي هن چيو ته ڪئنالن بابت وري اطلاع ملن پيا ته ڪئنالن جو ڪم جاري آهي جي يو آئي ف سنڌ ڪئنالن واري جدوجهد دوران پوري سنڌ ۾ لکين ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪري سنڌ جا روڊ رستا پلون بند ڪري تاريخي احتجاج ڪيا هاڻي به اسان صف اول ۾ بيٺل هونداسين غير قانوني منصوبا فوري ختم ڪرڻ گهرجن.

بدين ۾ پرامن هڙتال تي قومي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

بدين (ڊ ر)مورو ۾ نوجوانن شهيد زاهد لغاري شهيد عرفان لغاري جي رياستي قتل خلاف بدين ۾ پر امن شٽر بند هڙتال ڪرڻ تي  پيپلزپارٽيءَ طرفان پينا فليڪس ڦاڙڻ جي الزام هيٺ آيل  جسقم جساف شهيد بشير خان اڳواڻن جي ڇهن  ڪارڪنن جنهن ۾   جسقم جساف ضلعي صدر تنوير ڪاتيار جسقم اڳواڻ امير  بخش سومرو، صابر راهمون ، ارباب ارشاد نهڙيو، لياقت انصاري  صدام چانڊيو تي فريادي محمد جمن ملاح جي فرياد تي ماڊل ٿاڻي بدين تي  ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جنهن کان پوءِ  بدين جي عدالت جي  سيڪنڊ جج رائو محمد نديم  ڇهن ئي ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته  بدين بار ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ امير آزاد پنهور  طرفان هن ڪيس جي پيروي ڪئي پئي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.