اڻ وڻندڙ ورتاءُ، مس انگلينڊ ڀارت ۾ جاري حسن جو عالمي مقابلو اڌ ۾ ڇڏي وطن رواني

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) مس انگلينڊ 2024ع مِلا ميگي ڀارت شهر حيدرآباد ۾ جاري مس ورلڊ مقابلي کان اوچتو علحدگي اختيار ڪري واپس برطانيا رواني ٿي وئي آهي.
برطانوي اخبار دي سن جي رپورٽ موجب، مِلا ميگي مقابلي جي منتظمين تي الزام هنيو آهي ته انهن کيس ’پرفارمنگ منکي‘ وانگر پيش ڪيو ويو ۽ تقريب دوران کيس ائين محسوس ڪرايو ويو ڄڻ ته هوءَ ڪائي ’جسم فروش‘ هجي.
واضح رهي ته مس ورلڊ جي 74 سالن جي تاريخ ۾ هي پهريون واقعو آهي جڏهن مس انگلينڊ مقابلي تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.