لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ شاهين شاهه آفريدي کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
شاهين شاهه آفريدي پنهنجي قيادت ۾ 4 سالن دوران ٽيون ڀيرو لاھور قلندرز کي چيمپيئن بڻايو آهي، ان کانسواءِ هن ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 19 وڪيون پڻ ورتيون جنهن تي کيس فضل محمود ڪيپ سان نوازو ويو.
ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جي چونڊ ڪامينٽري پئنل جي ٽيم جي ميمبرن ڪئي آهي، جنهن ۾ قلندرز جا ٻه ٻيا رانديگر سڪندر رضا ۽ فخر زمان پڻ شامل آهن.
ٽيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جا 3 رانديگر حسن نواز، فهيم اشرف ۽ ابرار احمد شامل آهن، جن مان 23 ورهين جي حسن نواز کي ٽورنامينٽ جو بهترين بيٽر قرار ڏنو ويو هو.
ڪراچي ڪنگز مان به ٽن رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، جن ۾ ڪپتان ڊيوڊ وارنر، جيمز ونس ۽ حسن علي شامل آهن، جڏهن ته خوشدل شاهه 12هين رانديگر طور ٽيم ۾ شامل آهي.
ان کانسواءِ اسلام آباد يونائيٽڊ جو صاحبزادا فرحان پڻ ٽيم جو حصو آهي، جنهن 12 ميچن ۾ 449 رنسون ٺاهي حنيف محمد ڪيپ حاصل ڪئي.
پشاور زلمي جو نوجوان فاسٽ بولر علي رضا به ٽيم ۾ آف دي ٽورنامينٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو
You might also like