فرانس جي صدر تي زال چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

پئرس( ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون کي سندس زال طرفان چماٽ هڻڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون اڄڪلهه ويٽنام جي دوري تي موجود آهي. تازو سندس سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس سندس گهرواري چماٽ هڻي رهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ڏسي سگهجي ٿو ته جنهن وقت جڏهن جهاز مان لهڻ جي تياري ڪري ان وقت سندس زال کيس چماٽ وهائي ڪڍي ٿي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز مان لهڻ وقت به ميڪرون پنهنجي زال ڏانهن ٻانهن ڊگهيري پر هوءَ اتي سندس هٿ پڪڙڻ کان به انڪار ڪري ٿي.
رپورٽ موجب، فرانسيسي اختيارين شروعاتي طور تي واقعي جي ترديد ڪئي وئي هئي پر بعد ان کي مذاق ۾ ڪيل حرڪت قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.