ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3100 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 54 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2658 رپيا واڌ سان 3 لک 3 هزار 583 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 31 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3357 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like