راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان قومي قيادت لاءِ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، وفاقي وزير، صوبائي قيادت ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڊنر ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزيرن، چئني صوبن جي گورنرن، وڏن وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ ٻين اهم عسڪري شخصيتن شرڪت ڪئي.
فيلڊ مارشل عاصم منير ان موقعي تي ”معرڪاءِ حق“ دوران سياسي قيادت جي دور انديشي ۽ اسٽريٽيجڪ بصيرت تي شڪر جو اظهار ڪندي ان کي قومي مفادن لاءِ اهم قرار ڏنو.
آرمي چيف طرفان ٽنهي فوجن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ سهڪار تي ٻڌل آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪاميابيءَ کي ساراهيو ويو.
فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارتي پروپئگينڊا خلاف پاڪستاني نوجوانن ۽ ميڊيا جي ڪردار کي ”رڪ جي ڀت“ قرار ڏنو.
ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙن موجوده دور ۾ قومي رهنمائي ڪندڙ سياسي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پاڪ فوج جي بهادري، قربانين ۽ عوام جي مضبوط حب الوطني جي واکاڻ ڪئي.