اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ مالي بجٽ تي آءِ ايم ايف جو ڪو به دٻاءُ ناهي، حڪومت دفاعي بجيٽ ۾ واڌ ڪندي ۽ عوام کي به رليف فراهم ڪيو ويندو.
انسٽيٽيوشن آف انجنيئرز پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امير ضمير جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران احسن اقبال چيو ته آءِ ايم ايف حڪومت جي تازن قدمن مان مطمئن آهي، تنهنڪري بجٽ جي تياريءَ ۾ ڪو به دٻاءُ درپيش ناهي.
هن چيو ته حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي، جيڪو قومي يڪجهتي يا اتحاد کي متاثر ڪري.
وفاقي وزير ملڪ جي سلامتي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي دفاعي بجيٽ ۾ واڌ جو اشارو ڏيندي چيو ته پاڪستان دشمنن جي حرڪتن کان چڱيءَ طرح باخبر آهي.
هن چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم سميت سڀ آبي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا ته جيئن ڀارت کي انهن منصوبن جي دير مان ڪو به فائدو نه رسي.
احسن اقبال چيو ته حڪومت انهن منصوبن لاءِ ترجيحي بنيادن تي فنڊ فراهم ڪندي ته جيئن پاڻي ۽ توانائيءَ وارا شعبا مضبوط ٿي سگهن.
ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت پنهنجي جارحيت دوران نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ کي به نشانو بڻايو هو، جنهن سبب ڊيم جا ڪجهه حصا متاثر ٿيا هئا.