اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان-چائنا انسٽيٽيوٽ رڳو 16 ڪلاڪن ۾ ”ڏکڻ ايشيا جي تاريخي تبديلي“ جي عنوان سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
رپورٽ ۾ ٽن نڪتن تي ٻڌل گڏيل حڪمت عملي تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سفارتي، قانوني ۽ دفاعي سطح تي لاڳاپيل قدمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا هڙئي اندازا غلط ثابت ٿيا ۽ پاڪستان کي واضح سرسي حاصل ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ جو امڪان ختم ٿي چڪو آهي، ڇو ته دفاعي طاقت جو توازن بحال ٿي چڪو آهي.
رپورٽ ۾ 10 مئي جي فتح کي پاڪستان جو شاندار ترين لمحـو قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب، سرگرم سفارتڪاري جي گهرج آهي، جنهن تحت ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽيجڪ ترتيب، چين، ترڪي، آذربائيجان، ايران ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ سنڌو درياهه جي پاڻي بابت معاهدي تي تخليقي قانوني حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ اها صلاح به ڏني وئي آهي ته ڀارتي آر ايس ايس جي هندو توا نظام کي اولهه جي عالمي عدالتن ۾ کڻي وڃڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا ۾ ”بلينس آف ٽيرر” جو ماڊل اثرائتو رهيو آهي، ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي جوهري طاقتون آهن، مادل ڀارتي جارحيت کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکيو.
رپورٽ ۾ 22 اپريل کان پهلگام واقعي کانپوءِ ٿيندڙ واقعن جي تفصيلي ٽائيم لائين ڏني وئي آهي، جڏهن ته عالمي ردِعمل به رپورٽ جو حصو بڻايو ويو آهي.
موديءَ جا هڙئي اندازا غلط، پاڪستان کي واضح سرسي، ڏکڻ ايشيا جي تاريخي تبديلي بابت رپورٽ جاري
You might also like