ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ في تولي سون جي اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3500 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 51 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون به 3000 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 925 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون35 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 3326 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل في تولو سون 1900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 47 هزار 500 رپين جو ٿي ويو هو.