سياستدان گھر ڀيڙو ڪري ملڪ اندر نئون حڪومتي ماڊل آڻڻ جا چوٻول ؟

اسلام آباد(قربان بلوچ) اسلام آباد ۾ ڪجھھ نئون ٿيڻ جا چوٻول آھن ۽ سوال پڇڻ تي چيو پيو وڃي تھ پارلياماني نظام، ڪاموراشاهي، سول نظام سڀ فارغ آهن، ڪو به ڪارڪردگي  نھ پيو ڏيکاري، سياسي قيادت جو بحران آھي ۽ سياسي ڌريون بھ ڪارڪردگي نھ پيون ڏيکارين. ڪجھھ سياسي اڳواڻ مايوسي سبب گھر ويھي رھيا تھ ڪي وري ڪرپشن ۽ بدعنواني جي ڪري ڪارڪردگي ڏيکارڻ لائق ناھن رھيا.اھي سڀ ڳالھيون عام سطح تي نھ پر اقتداري راهدارين ۾ ٿي رھيون آھن.اھي ڳالھيون ڪابينا پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو رينڪ ڏيڻ کان اڳ جون شروع ٿيل آھن. اھي ڳالھيون   پھريون تھ بيان ڪندڙ جو خيال سمجھيم پر ڪجھھ دير بعد ڪابينھ پاران  فيلڊ مارشل رينڪ وارو فيصلو ڪيو ويو.تھ ھڪ ڳالھھ جي سچي ھئڻ جي تصديق ٿي وئي.لڳي ٿو تھ ايندڙ وقت ۾ ڪجھھ تبديليون اينديون ڇاڪاڻ تھ سينئر سياسي اڳواڻ قبولين ٿا تھ موجوده نظام صحيح ڪم نھ پيو ڪري.اڳوڻو وزيراعظم شاھد خاقان عباسي چئي چڪو آھي تھ آئين تي ۽ موجودھ سسٽم تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.پر ھي جيڪي ڳالھيون ٿيون آھن ھن جي بقول قومي اسيمبلي يا ھن سسٽم مان ماڻھن کي ڇا فائدو ملي رھيوآھي؟ سواءِ آئيني ترميم يا قراردادون منظور ڪرڻ جي سي بھ ڪنھن جي خواھش تي. پگھارون وڌائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي. اھا ڳالھھ ھن فيلڊ مارشل واري فيصلي کان اڳ ڪئي ۽ ھڪ طاقتور وزير جي بقول ھاڻي جڏھن ادارا ۽ پارليامينٽ فارغ آھن تھ طاقت ھڪ شخص وٽ ھجڻ گھرجي.ھن جي بقول اگر شھبازشريف جي مٿي تان سياسي ڇٽي ھٽائي وڃي ۽ ڪا ٻي طاقتور ڇٽي اچي وڃي تھ وڌيڪ بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي ٿو. صرف سينيٽ آف پاڪستان ھجي جتي صوبن کي برابري نمائندگي  ھجي.ان شخصيت جي بقول اسيمبلين جو ڪو فائدو ناھي سواءِ ڪروڙين اربين روپيا خرچڻ جي.بيوروڪريسي بابت ھن جو چوڻ آھي تھ مان چونڊيل وزير ھئڻ باوجود ان جي رحم ڪرم تي آھيان تھ منھنجو ڪم ڪري يا نھ ڪري  لکين روپيا پگھار کڻندڙ  صرف ھڪ فائيل تي ڇهھ مھينا لڳائي ڇڏين ٿا.ھن مطابق ن ليگ ۽ پ پ جا 8 کان 10 ماڻھو سندس ھم خيال آھن. ٻن مھينن جو عرصو آھي ممڪن آھي ان بعد معاملو نئون رخ اختيار ڪري وڃي؟

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 23 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.