لاهور (انور حسين سمرا) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ سندس صوبائي ڪابينا جي اميج بلڊنگ، بيانيي کي هٿي ڏيڻ ۽ هاڪاري ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ هڪ سال دوران 7 ارب رپين جا فنڊ ميڊيا مهمن، اشتهارن، وي لاگرن، ٽڪ ٽاڪرن، ۽ پرنٽ/ڊجيٽل اشتهارن تي خرچ ڪيا ويا. نئين اشتهاري پاليسي تحت ڊي جي پي آر 70 کان وڌيڪ فرمن کي پري ڪواليفاءِ ڪيو، جن کي 250 سرڪاري کاتن سان ڳنڍي مخصوص ايجنسين کي نوازيو ويو. رڳو ٽي ادارا ريووليوشن، روشني، ۽ ايڇ ايس ايڇ گڏجي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ريونيون حاصل ڪري ويا. ٻين ڪواليفائيڊ فرمن کي نالي ماتر ادارا ڏنا ويا، ڪجهه کي ته ڪوبه ڪم به نه مليو. ان مهم لاءِ شروع ۾ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، پر بعد ۾ ضمني بجيٽن ذريعي 5 ارب وڌيڪ جاري ڪيا ويا، جنهن سان مجموعي رقم 7 ارب رپيا ٿي وئي. ذريعن موجب، ناڻي کاتو کي هڪ نئين سمري موڪلي منظوري ورتي ويندي جنهن بعد رقم 10 ارب رپيا ٿي سگهي ٿي جيڪا پنجاب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي اشتهاري بجيٽ هوندي. جڏهن صوبي ۾ 60 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، تڏهن اربين رپيا اشتهارن تي خرچڻ عوام سان ناانصافي آهي. مهم جي نالي تي لڳ ڀڳ هر اشتهار تي مريم نواز ۽ نواز شريف جي تصوير موجود آهي، جيڪا عدالت جي ذاتي مشهوري نه ڪرڻ واري هدايت جي ڀڃڪڙي سمجهي پئي وڃي. سرڪاري آفيسرن جو موقف آهي ته عدالت پابندي نه، پر صلاح ڏني هئي، ۽ نواز شريف ن ليگ جو صدر آهي، تنهنڪري تصوير جو حق اٿس. سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو آهي ته ميڊيا جي مالي مدد ڪئي وئي، پر ڪيترائي ادارا پنهنجي ملازمن کي وقت تي پگهارون نه ٿا ڏين، جڏهن ته اهڙين رڪاوٽن خلاف به شرط رکڻ گھرجي ها.