ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ جُڙي ويو.
موسميات کاتي موجب سسٽم ڪراچي کان تقريبن 1075 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي ۽ اهو سسٽم 36 ڪلاڪن دوران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي اهو سسٽم اتر ڏانهن حرڪت ڪندو، في الحال ان سان پاڪستان جي ڪنهن سامونڊِي علائقي کي خطرو ناهي، جڏهن ته موسميات کاتي جو سائيڪلون وارننگ سينٽر ان سسٽم جي نگراني ڪري رهيو آهي.
You might also like