ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپارڪو ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي تاريخ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري سپارڪو موجب ملڪ ۾ پهرين ذوالحج 29 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ عيدالاضحيٰ 7 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو چيو آهي ته چنڊ جي پيدائش 27 مئي تي 8 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته 27 مئي تي چنڊ جي عمر تقريبن 11 ڪلاڪ 34 منٽ هوندي ۽ ملڪ ۾ اچڻ نظر اچڻ جا امڪان تقريبن نه هجڻ برابر آهن.
You might also like