شڪيب الحسن ڪراچي کي لاهور لاءِ وڏو چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاھور قلندرز جي تجربيڪار آل رائونڊر شڪيب الحسن چيو آھي ته هاڻي پي ايس ايل جي هر ميچ اهم هوندي ۽ ڪراچي ڪنگز جھڙي مضبوط ٽيم خلاف فتح لاءِ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ضروري آھي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شڪيب الحسن چيو ته ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ اسان لاءِ وڏو چئلينج آھي، پر اسان جو سڄو ڌيان فتح تي آھي، سڀ رانديگر پُرجوش ۽ تيار آھن، سڀني کي ميچن جي اهميت ۽ سامهون ايندڙ چئلينجز جو چڱيءَ ريت اندازو آھي.
شڪيب الحسن چيو ته ھو اڳ به پاڪستان سپر ليگ جو حصو رهي چڪو آھي ۽ ھر ڀيري جو تجربو سٺو رهيو آھي، پي ايس ايل گذريل ڏھن سالن ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي
ھن چيو ته لاھور قلندرز جو ماحول بهترين آھي شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف خلاف کيڏندو رهيو آھيان، ھاڻي ساڻن ڊريسنگ روم شيئر ڪري رھيو آھيان، جيڪو هڪ سٺو تجربو آھي، ٽورنامينٽ ذريعي اسان کي هڪ ٻئي کي سمجھڻ جو موقعو مليو آھي.
شڪيب چيو ته ڊگهي وقفي کانپوءِ ميدان ۾ واپسي جو الڳ جذبو هوندو آھي، پر ساڳئي وقت جسماني حالت کي به ڏسڻو پوي ٿو ته اُها ڪيئن ريسپانس ڪري رهي آھي.
سندس چوڻ هو ته هن لاءِ واپسي جو تجربو سٺو رهيو ۽ هو پراميد ته ايندڙ ميچن ۾ به سندس ڪارڪردگي بهتر رهندي.
شڪيب الحسن چيو ته هو پي ايس ايل سميت ٻين ليگز کيڏڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ هو مستقبل ۾ مختلف ليگز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز بابت ڳالهائيندي شڪيب چيو ته اِها سيريز دلچسپ ھوندي، ٻئي ٽيمون نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪي پاڻ مڃائڻ لاءِ بيچين آهن.
ياد رهي ته اڄ پي ايس ايل اِيليمنيٽر ميچ ۾ لاھور قلندرز جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو، جتي ڪامياب ٽيم کي ڪواليفائر-2 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.