ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون اڻويهه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٽه لک ستيتاليهه هزار پنج سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون به سورنهن سئو اڻٽيهه رپيا لاٿ کانپوءِ ٻه لک ستانوي هزار نوَ سئو پنجويهه رپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون اڻويهه ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ ٽي هزار ٻه سئو ايڪانوي ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like