جوهري ملڪن ۾ جنگ لڳي ته نتيجا رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ عالمي سفارتي مهم لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن جوهري هٿيار رکندڙ ملڪن وچ ۾ جنگ ٿي ته ان جا نتيجا رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت دهشتگردي جي آڙ ۾ جارحيت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، خطي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب حل ڪڍڻ گهرجي.
هن چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، ڇا ايندڙ نسل پاڻي لاءِ جنگيون ڪندا؟ اهو انتهائي افسوسناڪ آهي، جيڪڏهن جوهري ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته ان جا نتيجا سڄي دنيا لاءِ هوندا نه فقط پاڪستان لاءِ.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي، جيڪو دنيا تائين پهچائي رهيا آهيون، مودي بي بنياد الزام هنيا، جڏهن ته وزيراعظم اڻ ڌري جاچ جو مطالبو رکيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پاڻي جي مسئلي جو حل ڳولڻ ضروري آهي، ڪشمير سميت سڀني مسئلن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.