مائرن کي سِرڻ وانگر نُنهن تي اکيون کُپائڻ بدران پٽن جي تربيت ڪرڻ گهرجي: ناديا جميل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ناديه جميل مائرن تي زور ڏيندي چيو آهي ته کين پنهنجي پٽن جي سٺي تربيت ڪرڻ گهرجي.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته سندس پٽ جي شادي طئي ٿيڻ واري آهي ۽ ايندڙ سال منهنجي گهر نُنهن ايندي، اِها منهنجي ذميواري آهي ته منهنجي اک سِرڻ وانگر نُنهن تي نه پر پٽ تي هئڻ گهرجي ته ڪٿي منهنجو پٽ نُنهن کي نئين گهر ۾ تڪليف ته نه پيو ڏئي.
هن چيو ته نئين ايندڙ نُنهن مهمان ناهي هوندي هوءَ پنهنجي گهر ايندي آهي ۽ کيس اِهو احساس ڏيارڻ منهنجو ڪم آهي، اسان کي مائرن کي پٽن جي بهتر تربيت بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته عورت جي آزادي سندس بنيادي حق آهي.
اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته زال ۽ مڙس کي گهرجي ته پاڻ ۾ اهڙو رشتو جوڙين، جتي هر موضوع تي کليل نموني ڳالهائين ۽ مسئلن کي گڏجي حل ڪري اڳتي وڌن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.