ناديا خان ” ارنَب گوسوامي “ کان به گوءِ کڻي وئي آهي: ياسر حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين چيو آهي ته ناديا خان هن وقت ڀارتي نيوز اينڪر ارنَب گوسوامي قرار ڏيندي چيو آهي ته هوءَ کائنس ڏهه نمبر اڳتي نڪري ويئي آهي.
اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان ويجهڙ ياسر حسين جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ڊرامي تي تنقيد ڪئي هئي.
ناديا خان هن وقت ميزباني سان گڏ هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ جج طور پڻ ڪم ڪري رهي آهي، جتي هوءَ ساٿي اداڪارائن روبينا اشرف ۽ مرينا خان سان گڏ آن ايئر ڊرامن تي پنهنجا ويچار ونڊيندي آهي.
ان ڏس ۾ ناديا خان، ياسر حسين جي ڊرامي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي ان کي رڳو 4 نمبر ۽ هدايتڪاري کي 0 نمبر ڏنو.
ياسر حسين، ناديا جي تنقيد تي ردعمل ڏيندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”مان ناديا جي سموري ڪيريئر جي اداڪاري کي 1.5 نمبر ۽ ميزباني کي 2.5 نمبر ڏيان ٿو، باقي اڄڪلهه ناديا خان ارنَب گوسوامي کان 10 نمبر اڳتي آهي.“
ياسر حسين وڌيڪ چيو ته ” ٿڌا ٿيو، نمبرن سان ڪجهه ناهي ٿيندو.“
ياد رهي ته نجي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامي ۾ ياسر حسين جي گهرواري اداڪارا اقرا عزيز، اداڪار شجاع اسد سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.