ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 600 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 49 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 5659 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 99 هزار 554 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 66 ڊالر واڌ سان 3310 ڊالر في اونس آهي.
You might also like