قوم پرستن جي احتجاج تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا: رهبر ڪميٽي

حيدرآباد( پ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيہ سنڌي چيو آهي تہ موري ۾ احتجاج تي پوليس جي تشدد ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زاهد لغاري جي قتل ٿيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. سنڌ ۾ خراب ٿيندڙ حالتن جا ذميوار حڪمران آهن. پ پ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪئنالن کي رد ڪرڻ بدران التوا ۾ وجهي عوام ۾ بيچيني ۽ ڳڻتي پکيڙي رهي آهي. رهبر ڪميٽي پاران جاري ڪيل گڏيل پاليسي بيان ۾ هنن چيو تہ تشدد جو هر عمل ڪئنالن خلاف سنڌ جي پرامن جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش آهي. جيئي سنڌ رهڀر ڪميٽي تشدد جي سمورين شڪلين کي رد ڪري ٿي، سنڌو درياھ تي ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڳٺ جوڙ ڪري ڪئنالن جو ڪم جاري رکڻ گهرن ٿا. جنهن سان سنڌ تباهي ڏانهن ڌڪجي ويندي. سنڌوءَ ۽ ان جي معاون درياھن تي ڊيمن، نون بئراجن، لنڪ ڪئنالن ۽ ڪئنالن جي ڪابہ رٿا قبول نہ ڪئي ويندي. زمينن جي والار ۽ ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج جاري رکيو ويندو. ان سلسلي ۾ جلد رهبر ڪميٽي جو اجلاس سڏائي لانحئہ عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.