فلم ۾ شيخ حسينه واجد جو ڪردار ادا ڪرڻ به ڏوهه…! بنگلاديشي اداڪارا گرفتار

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) شيخ مجيب الرحمان جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾حسينه واجد جو ڪردار نڀائيندڙ مشهور بنگلاديشي اداڪارا نصرت فاريه کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، نصرت فاريه کي ٿائيلينڊ مان واپسي تي ڍاڪا جي شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو، اداڪارا خلاف اميگريشن چيڪ پوائنٽ تي سندس خلاف موجود وارنٽ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي.
پوليس موجب، نصرت فاريه تي جولاءِ 2024ع ۾ ٿيل حڪومت مخالف پُرتشدد مظاهرن دوران اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف مبينا طور قتل جي ڪوشش ۾ ملوث هئڻ جو الزام آهي.
واضح رهي ته اداڪارا نصرت فاريه بنگلاديش ۽ ڀارت جي پروڊڪشن ڪمپنين جي گڏيل فلم ” مجيب: دي ميڪنگ آف اي نيشن“ ۾ شيخ حسينه واجد جو ڪردار ادا ڪيو هو.
ليجنڊري ڀارتي فلمساز سرڳواسي شيام بينيگل جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي زندگي ۽ سياسي جدوجهد تي آڌاريل هئي.
ياد رهي ته مٿي ذڪر ڪيل احتجاجن کانپوءِ شيخ حسينه واجد وزارتِ عظميٰ تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت رواني ٿي وئي هئي، جتي هوءَ جلاوطني جي زندگي گهاري رهي آهي.
بنگلاديشي اختيارين جو چوڻ آهي ته اداڪارا نصرت فاريه جي گرفتاري انهن مظاهرن ۽ ان دوران پيش آيل پُرتشدد واقعن جي جاچ جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.