ڪراچي ۾ لائن جي پاڻي سان گاڏيون ڌوئڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گاڏيون ڌوئڻ لاءِ لائن جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي ڏنڊ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
ڪي ايم سي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب پاڻي زيان ڪرڻ تي 10 هزار رپيا ڏنڊ جي تجويز ڏيندي چيو ته يوسي چيئرمين جي شڪايت تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا، رقم يوسي ۾ ئي لڳندي.
پ پ جي ميمبر نجمي عالم چيو ته ٻه تلوار مٿان لائن مان گاڏيون ڌوپنديون آهن، ماڻهو گهر ۾ گاڏيون ڌوئيندا آهن پاڻي ٻاهر ايندو آهي، سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته اڄ شهر ۾ پاڻي ناهي، ميئر ميٽنگ ۾ 2050 جو پلان ٺاهي رهيو آهي، ڪي فور منصوبو 20 اربن مان 200 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.
هن چيو ته منصوبابندي تحت شهر ۾ پاڻي جو لائنون ٽوڙيون پيون وڃن، هاڻ اسان احتجاج ڪنداسين، روڊن تي اينداسين.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ايندڙ هفتي رڳو پاڻي تي اجلاس ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.