اسرائيل جو پوري غزه کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ جو اعلان

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينيامن نتنياهو اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل غزه کي مڪمل طور پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻي اِهو يقيني بڻائيندو ته غزه ۾ ايندڙ امداد حماس جي هٿ نه لڳي.
ٽيلگرام تي پوسٽ ڪيل پنهنجي وڊيو ۾ نتنياهو چيو ته اسرائيل غزه تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪندو ۽ اِهو يقيني بڻائيندو ته غزه ايندڙ امداد حماس جي هٿ نه چڙهي.
ان کان اڳ اسرائيلي حڪومت اعلان ڪيو هو ته هو غزه ۾ بنيادي خوراڪ جي فراهمي جي اجازت ڏيندو، جڏھن ته اسرائيل 11 هفتن کان غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي، اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين کي خان يونس، بني سهيلا ۽ عبسان مان ترت نڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.