” مان فيمينسٽ نه آهيان، گهر ۾ ئي سڪون ملي ٿو: سارا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سارا خان جي هڪ انٽرويوءَ جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ” فيمينسٽ “ هئڻ کان انڪار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا چيو ته ”ممڪن آهي ته منهنجي ڳالهه کي غير معمولي سمجهيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته مان فيمينسٽ نه آهيان، مان سمجهان ٿي ته مردن جي جيڪا جاءِ آهي کين اتي رهڻ ڏنو وڃي ته جيئن عورتون سُک جو ساههُ کڻي سگهن .
اداڪارا مزاحيه انداز ۾ چيو ته ” ڇو ته مان بل ادا ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻ نه ٿي چاهيان.“
سارا خان وڌيڪ چيو ته ”جيئن ماضيءَ ۾ عورتون گهر ۾ ويهي سڪون محسوس ڪنديون هيون، مان به اهڙين ئي عورتن منجهان آهيان.“
ياد رهي ته سارا خان 16 جولاءِ 2020ع تي فلڪ شبير سان لاھور ۾ شادي ڪئي هئي، جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.