نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ يونيورسٽي گليٽن اسڪول آف انڊويزيولائزڊ اسٽڊي جي گريجوئيشن اسپيڪر لوگن روزوس جي ڊگري روڪي وئي آهي، جنهن پنهنجي تقرير ۾ غزا ۾ جاري تڪرار کي ”نسل ڪشي“ قرار ڏنو ۽ آمريڪا جي اسرائيل جي حمايت تي تنقيد ڪئي هئي.
شاگرد روزوس يونيورسٽي طرفان منظور ٿيل تقرير کان هٽي ڪري پنهنجي تقرير ۾ سياسي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن تي نيو يارڪ يونيورسٽي اختيارين کيس ضابطن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو.
يونيورسٽي جي سينيئر نائب صدر جان بيڪ مين چيو ته روزوس پنهنجي حيثيت جو غلط استعمال ڪيو ۽ سندس خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
پهرين شادي جي ناڪامي ۾ نه مڙس جي غلطي هئي نه منهنجي، ڪڏهن ڪڏهن قسمت به خراب هوندي آهي: منشا پاشا
Next Post
You might also like