اهڙي هر تجويز رد ڪنداسين جيڪا فلسطين جي آزادي جي خلاف هوندي: سعودي عرب

بغداد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ فلسطيني عوام جي زبردستي نيڪالي جي ڪوششن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
الجزيره موجب، عرب ليگ جي بغداد ۾ ٿيل اهم اجلاس دوران سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير عادل الجبير خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل طرفان غزه ۾ ٿيل ڏوهه ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل توهين آهن.
هن چيو ته ”اسان سڀني کي گڏجي فلسطيني عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“
عادل الجبير فلسطيني عوام جي زبردستي منتقلي جي خلاف سعودي عرب جي موقف کي ورجائيندي غزه ۾ جنگبندي جو به مطالبو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب اهڙي ڪنهن به تجويز يا حل کي رد ڪري ٿو جيڪو فلسطيني قوم جي خوداراديت ۽ آزاديءَ وارن جائز مطالبن تي پورو نه لهي، جنهن ۾ هڪ خودمختيار ۽ آزاد فلسطيني رياست جو قيام شامل آهي، جيڪا 1967ع واري سرحدن موجب هجي ۽ اوڀر بيت المقدس ان جي راڄڌاني هجي.
ياد رهي ته هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن گذريل ڏينهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا غزه مان 10 لک فلسطيني مستقل طور ليبيا منتقل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.