”آپريشن سندور“ بابت پاڪستاني حڪومت کي اڳواٽ اطلاع ڏنو هو: ڀارتي پرڏيهي وزير

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ”آپريشن سندور“ دوران ڀارت دهشتگردن جي مبينا ٿاڪن تي ڪامياب حملا ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ڪلپ ۾ ايس جئه شنڪر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ”اسان مظفرآباد، بهاولپور، مريدڪي سميت ٻين هنڌن تي آپريشن ڪري دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا، جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي.“
ڀارتي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ”اسان پاڪستاني حڪومت کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ته اسان جو مقصد رڳو دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ آهي، فوجي ٿاڪ اسان جو هدف ناهن، پر پاڪستان اِها ڳالهه نه مڃي.“
ايس جئه شنڪر دعويٰ ڪئي ته ”سيٽلائيٽ تصويرن مان واضح ٿئي ٿو ته اسان جو حملو ڪيترو ڪامياب رهيو ۽ پاڪستاني فوج اسان کي ڪيترو گهٽ نقصان پهچايو.“
هن اهو به چيو ته ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي بابت ڳالهيون جاري آهن، جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي ۽ جيستائين هر معاملي تي معاهدو نه ٿو ٿئي ان کي حتمي نه ٿو سمجهي سگهجي، اميد آهي ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.