ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيئرمين ۽ ڀارتي گهرو وزير جي پٽ جئه شاھه تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.
آسٽريليا جي سينيئر صحافي ميلڪم ڪون جئه شاهه جي منافقاڻي رويي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجه کي بيٽ تي امن جي علامت” فاخته“لڳائڻ کان روڪيو هو، پر ڀارتي گهرو وزير جي پٽ جئه شاھه کي ڀارتي فوج جي حمايت ڪرڻ جي کليل اجازت ڏني پئي وڃي، جيڪا حيرت جوڳي ۽ منافقاڻي روش آهي.
ميلڪم ڪون وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي چيئرمين جي حيثيت سان جئه شاهه جو اهڙو بيان نه رڳو غيرجانبداري اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، پر اهو خاص طور تي پاڪستان جهڙي آءِ سي سي ميمبر ملڪ خلاف جنگ جي حمايت جهڙو عمل آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽ شوقين به جئه شاهه تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو آهي ته هو واضح طور تي جنگ جي حمايت ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس حيثيت کي ڌڪ رسايو آهي.
واهپيدارن طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان جئه شاهه کي آءِ سي سي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي چيئرمين جو ڀارتي فوجين جي حمايت ۾ بيان، آسٽريلوي صحافي جئه شاهه جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا
You might also like