”زندگي راند کان اهم آهي“ آءِ پي ايل بابت مچل جانسن جي بيان تي ڀارتي ميڊيا کي مرچ لڳي ويا

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) بابت اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل جانسن جي بيان ڀارتي ميڊيا کي چيڙائي ڇڏيو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر مچل جانسن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) تي الزام مڙهيو آهي ته هو پرڏيهي رانديگرن تي آءِ پي ايل جون رهيل ميچون کيڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي.
مچل جانسن چيو آهي ته جيڪڏهن کيس ڀارت واپس وڃڻ ۽ ٽورنامينٽ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو هجي ها ته سندس جواب ”نه“ هجي ها، ڇو ته زندگي راند کان وڌيڪ اهم آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پرڏيهي رانديگر پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن ته آءِ پي ايل جي انتظاميا کي گهرجي ته ٽورنامينٽ ملتوي ڪري ۽ ٻي مناسب ونڊو (وقت) ڳولي.
جانسن چتاءُ ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال برقرار رهي ته آءِ پي ايل کي وڏو مالي نقصان ڀوڳڻو پوندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيترائي پرڏيهي رانديگر ڀارت جي دوري کان لنوائي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون رهيل ميچن لاءِ دنيا جي ناميارن ستارن شرڪت آءِ پي ايل جي ساک کي سخت متاثر ڪيو آهي.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا مچل جانسن جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي کيس هڪ طرفو موقف اختيار ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.