”يومِ تشڪر“، دنيا ڪيئي ڀيرا وڏي دشمن کي ڪجهه ڪلاڪن اندر گوڏا کوڙيندي ڏٺو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا ڏٺو ته ڪيئي ڀيرا وڏي دشمن فقط ڪجهه ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙي ڇڏيا، دشمن جا جهاز، جيڪي ڀارت جو غرور هئا، هاڻي رک ۽ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن.
”معرڪاءِ حق“ ۾ شاندار ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ سڄي ملڪ ۾ اڄ ”يومِ تشڪر“ ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان تي حملا ڪيا، جنهن دوران بيگناهه ۽ معصوم پاڪستاني شهيد ٿيا.
وزيراعظم چيو ته جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستاني شاهينن دشمن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو، جيڪو منهن ٽوڙ جواب هو، اسان جي بهادر فوجن دشمن کي شڪست ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهرو باب رقم ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته دشمن جا فوجي ٿاڪ ۽ ايئربيسز کنڊر بڻجي ويا آهن، ڀارتي رافيل جهاز به شاهينن جي نشاني تي اچي تباهه ٿيا ۽ الله جي فضل سان پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي وريا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم هٿياربند فوجن سان گڏ رُڪ جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ هر قسم جي جارحيت جي خلاف متحد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.